اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري امداد الله بوسال چيو آهي ته 18هين آئيني ترميم کانپوءِ وڌيڪ فنڊ صوبن وٽ هليا ويا، نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.ڊان نيوز موجب اهڙن خيالن جو اظهار ناڻي واري سيڪريٽري سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ڪيو.اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز چيو ته قومي مالياتي ايوارڊ (اين ايف سي) تي صوبن جا تحفظات ڪڏهن ختم ٿيندا؟گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ وڌيڪ ترقياتي فنڊ خرچ ڪري انتهاپسندي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، خيبرپختونخواهه کي اضافي فنڊن جي ضرورت آهي.اجلاس کي ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال ٻڌايو ته ناڻي واري وزارت وٽ موجود فنڊن مان رقم صوبن ۾ ورهائي ويندي،جيڪڏهن هڪ صوبي ۾ آبادي يا فارمولي تحت انگ اکر تبديل ٿي وڃن ته نئون معاهدو ڪرڻو پوندو،ان وقت جي حڪومت کي ان وقت اين ايف سي ۾ تبديلي ڪرڻ گهرجي ها، منهنجو موقف اهو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني ڪرڻي پوندي،هن انڪشاف ڪيو ته اڃا تائين ستين اين ايف سي ايوارڊ تي عملدرآمد جاري آهي،صوبن کي خرچ گهٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي،صوبن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام جا خرچ شيئر ڪرڻ جو چيو آهي،انڪشاف ڪيو ويو آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف کان 7 ارب ڊالرن جو قرض 5 سيڪڙو جي شرح تي ورتو آهي، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب مهانگو پرڏيهي ڪمرشل قرض وٺڻ جي تاثر کي رد ڪندي چيو آهي ته هاڻي جڏهن به ضرورت پوندي ته ڪمرشل بئنڪن کان پنهنجن شرطن تي قرض وٺنداسين اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته قرض چين جي بئنڪن کان 7 کان 8 سيڪڙو وياج شرح تي ورتو ويو جن ۾ چائنا ڊولپمينٽ بئنڪ، انڊسٽريل ڪمرشل بئنڪ آف چائنا ۽ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ شامل آهن محمد اورنگزيب چيو ته سرڪاري ملازمن جي رٽائرمينٽ جي عمر 55 سال ڪرڻ جي ڪا تجويز غور هيٺ ناهي.