ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مقبول اداڪارا شرڌا ڪپور چيو آهي ته مان انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪڏهن پيءُ جو نالو استعمال نه ڪيو.
پنهنجي تازي انٽرويو ۾ شرڌا ڪپور انڪشاف ڪيو ته ڪيريئر جي منڍ ۾ سخت ڏکيائيون پيش آيون، مون لاءِ بالي ووڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ آسان نه هو، ڇو ته مان ڪڏهن به پيءُ شڪتي ڪپور جي نالي جو سهارو نه ورتو، پيءَ مون کي اڳ ئي چئي ڇڏيو هو ته پنهنجي محنت سان بالي ووڊ ۾ اچڻو اٿئي.
واضح رهي ته شرڌا ڪپور جي آخري رليز ٿيندڙ فلم ”استري 2“ هئي، جيڪا بلاڪ باسٽر ثابت ٿي.
You might also like