ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا جويريا سعود پوڊ ڪاسٽ ۽ ٽي وي چينلن تي انٽرويو نه ڏيڻ جو ڪارڻ بيان ڪري ڇڏيو.
جويريا سعود انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ تصوير سان گڏ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن مداحن کي انٽرويو نه ڏيڻ جي حوالي سان ٻڌايو.
هن لکيو ته هر ڪو مون کان پوڊ ڪاسٽ ۽ انٽرويوز بابت پڇي رهيو آهي، جن لاءِ منهنجو جواب آهي ته مان مفت ۾ انٽرويو ڏيڻ بدران پنهنجي فيملي سان وقت گذارڻ ۽ اسڪرپٽ لکڻ کي ترجيح ڏيندي آهيان.
سندس چوڻ هو ته ڊجيٽل تخليق ڪار پنهنجي مواد کي مونوٽائز ڪندا آهن، تنهن ڪري معاوضو وٺي ڪم ڪرڻ چاهينديس.
جويريا چيو ته مان پنهنجي يوٽيوب چينل تي مداحن سان ڳالهائيندي آهيان ۽ انهن جي سوالن جا جواب به ڏيندي آهيان.
You might also like