اسان سنڌي قوم لاءِ هونئن ته هر روز ڪو نه ڪو نئون محاذ تيار ٿيندو رهندو آهي پر هي ته سنڌي قوم جي وجود کي ختم ڪرڻ ۽ سندن جياپي جو وسيلو ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. کانئن هڪ پاسي درياهه کسڻ جي سازش ٿي رهي آهي ته ٻي پاسي پنهنجي ئي شهرن مان سنڌين ڌڪي ڪڍڻ جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن
اهي ڌاريا، جن جي وڏڙن کي اسان جي وڏڙن پنهنجي سيني سان لاتو ۽ پنهنجي ٻچڙن جي وات جو گرهه سندن بکايل ٻچڙن جي بکئي پيٽ ۾ وڌو. اڄ اهي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي شهرن ۾ ڪاروبار يا نوڪري ڪندي ڏسي ارها ٿين ٿا.
ڪجه سال اڳ مان ڪراچي جو ڊوميسائيل ٺهرائڻ لاءِ ڪورٽ ويس ته مون کي هڪ اردو ڳالهائيندڙ مليو جنهن کي مون پنهجا ڪاغذ ڏنا، مون کيس چيو ته مون کي جلدي کپي ان مون کي ايڏو رلايو جو جيڪو ڪم هفتي ۾ ٿيڻو هيو تنهن ۾ ڪيترائي مهينا لڳي ويا. آئون سخت پريشان هيس ته منهجا سڀ اوريجنل ڪاغذ ان وٽ پيا هيا آخر ڪار جڏهن ڊوميسائيل ٺهي مليو ته چوڻ لڳو.اوهان جو ته ڊوميسائيل ٺهي ويو پر هاڻ ٻيهر ڪنهن به سنڌي جو ڪراچي جو ڊوميسائيل نه ٺهندو. مون کي ان وقت ئي اهو احساس ورائي ويو ته سنڌين خلاف جيڪا سازش ٿي رهي آهي اها نهايت ئي خطرناڪ آهي.
سڀ کان گهڻي ڏک جي ڳالهھ اها آهي ته ڪيس جو جج به سنڌي وڪيل به سنڌي ڪيس وري ڪنهن جي خلاف پنهجي قوم جي خلاف….!!!! توهان. وڏين ڪرسين تي ويهي اکيون بند ڪري ڇو ٿا ڌارين جي حمايت ڪريو . ايئن پنهجي سنڌي قوم سان ايڏو ظلم آخر ڪيستائين؟ هن ديس جي دشمنن کي آخر ايڏي همٿ ڇو ٿي ٿئي جو هو گهر جي ڀاتين کي ئي گهر مان ڪڍڻ لاءِ تيار ٿي ويا
اسان ڪئنالن جي خلاف آواز اٿاريون ٿا ته هڪدم حڪمران ڪرسي ڇڏن جو چئي وري مزي سان ويهي تماشو ڏسڻ لڳن ٿا وري انهن ئي ايوانن تان اهڙيون ڳالهيون جو اسان جو ايندڙ نسل به رلي وڃي. نه سرڪاري نوڪري ملي سگھين ‘ نه وري ڪو ٻيو ڪجهه ڪري سگهن
هائي وقت اچي ويو آهي ته پنهنجو پاڻ مڃايون ۽ سڀ گڏجي سنڌ خلاف ٿيندڙ هر هڪ سازش کي ناڪام بڻايون ڇاڪاڻ ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي، جيڪڏهن ان جي خلاف ڪا به سازش ٿيندي ته سنڌ جا غيرتمند پٽ ۽ نياڻيون ميدان عمل ۾ پنهنجي سرن سان ڪفن ٻڌي نڪري پوندي ۽ هر هڪ سنڌ دشمن منصوبي کي ناڪام بڻائيندا . شيخ اياز چيو هو ته
درياهه اندر جا دھشت آ، ڪنھن وقــــــــت قيامـت ٿي وينــــــدي، تون مـــان ته رڳو ھن ســنـڌو تي، ڪا لــھـر اڀاري وينداســـين