وفاقي ڪابينا وڌيڪ 8 آءِ پي پيز جي ٽيرف ريويو جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا وڌيڪ 8 آءِ پي پيز جي ٽيرف ريويو جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ وڌيڪ 8 آءِ پي پيز جي ٽيرف ريويو جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب ڪابينا جي ڊي ڊبليو، چنيوٽ پاور، حمزا شوگر، المعيز پاور پلانٽ سان ٽيرف جي نئين سر جائزي جي منظوري ڏني، جڏهن ته ٿل انڊسٽريز ۽ چنار انرجي سان به ٽيرف ريويو جي منظوري ڏني وئي.
وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي ته ان فيصلي سان قومي ناڻي کي 200 ارب رپين جي بچت ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.