اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٻاهرئين ملڪ مان ڪمرشل مقدار ۾ شيون گڏ آڻڻ تي مڪمل پابندي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ايف بي آر بيگيج اسڪيم ۾ ترميم بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ٻاهرئين ملڪ مان ذاتي استعمال لاءِ هڪ موبائل فون آڻڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته 1200 ڊالر کان وڌيڪ ماليت جون شيون ڪمرشل واپار تصور ٿينديون.
نوٽيفڪيشن موجب هڪ موبائل فون کان سواءِ سموريون فونز ضبط ڪيون وينديون، واڌو شيون ڊيوٽي، ٽيڪس، ڏنڊ ادا ڪرڻ باوجود ڪليئر نه ٿينديون، بيگيج رولز 2006 ۾ وڌيڪ ترميمن بابت مسودو جاري ڪيو ويو.
هوڏانهن نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو ته قانون ۾ ترميم بابت 7 ڏينهن ۾ سفارشون ڏئي سگهجن ٿيون، مقرر مدي کانپوءِ وصول تجويزون قبولڻ جوڳيون نه هونديون.
You might also like