ڪراچي جي هڪ ضلعي ۾ ٻن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾ ٻن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.
ايڊيشنل آءِ جي جي درخواست تي ڪمشنر ڪراچي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ قلم 144 تحت پابنديون لڳايون ويون آهن.
ڪمشنر آفيس طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب قلم 144 تحت جلسي ۽ ريلي تي پابندي هوندي.
سينٽرل ضلعي ۾ 9 ۽ 10 ڊسمبر تي جلسي ۽ ريلي تي پابندي هوندي، جڏهن ته ٻيلهه سواري جي به اجازت نه هوندي.
نوٽيفڪيشن موجب سينٽرل ضلعي ۾ ٻن ڏينهن لاءِ 4 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي هنئي وئي آهي، ڀڃڪڙي تي پوليس کي ڪارروائي جو اختيار ڏنو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم لنڊن طرفان شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان پروگرام جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب عزيز آباد ۽ ڀرپاسي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.