دبئي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي تي پاڪستان، آءِ سي سي ۽ بي سي سي ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، جڏهن ته آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جا بورڊز به ميدان ۾ اچي ويا.
ذريعن موجب، آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ڪرڪيٽ بورڊز آءِ سي سي کي چيو ته چيمپيئنز ٽرافي تي غير يقيني واري صورتحال آهي، معاملي کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ معاملو جلد کان جلد حل ڪيو وڃي.
ٽنهي بورڊز ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اڃا تائين ٽورنامينٽ جي شيڊيول جو اعلان ناهي ٿيو، آءِ سي سي هاڻي کان ئي طئي ڪري ته چيمپيئنز ٽرافي ۽ ايندڙ ايونٽن لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙڻي آهي.
بورڊ پي سي بي جي حق ۾ ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن هن ڀيري ڀارت پاڪستان نه وڃڻ جو چئي رهيو آهي ته مستقبل ۾ ڪنهن به ملڪ دوري کان انڪار ڪري سگهي ٿو، ان جو حل ڪڍڻو پوندو.
چيمپيئنز ٽرافي شيديول بابت آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جو آءِ سي سي سان رابطو
Prev Post
You might also like