ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، ٻه دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ۾ ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.
آءِ ايس پي آر موجب فورسز دهشتگردن کي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو، جڏهن ته دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود به برآمد ٿيو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي دهشتگرد حملن ۾ ملوث هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.