انور مقصود پاڪ فوج کان معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور ليکڪ، مزاح نگار، ڊراما نويس، ۽ ٽيليويزن ميزبان انور مقصود فوج بابت بيان تي معذرت ڪندي اغوا وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ 17 هين عالمي اردو ڪانفرنس ۾ هڪ سيشن دوران انور مقصود ويجهڙ ۾ پنهنجي تڪراري بيان تي پيدا ٿيندڙ غلط فهمين تي وضاحت ڏني.
پنهنجي تقرير دوران انور مقصود هٿياربند ۽ سامونڊي فوج بابت ڪيل پنهنجي مزاحيه تبصري تي معذرت ڪئي ۽ اغوا جي خبرن کي غلط قرار ڏنو.
هن چيو ته سندن بيان جو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ قطعي نه هو، هو سدائين پنهنجي تبصرن ۾ طنز ۽ مزاح جو سهارو وٺندو آهي.
سندس چوڻ هو ته هو پاڪستان جي جي هٿياربند ۽ سامونڊي فوج سيمت سمورن ادارن جو احترام ڪري ٿو، سندس طنز ۽ مزاح تي ٻڌل تبصرا اطلاح جي نيت سان هوندي آهن ڪنهن جي توهين لاءِ نه.
انور مقصد ان موقعي تي اهڙين خبرن جي به سختي سان ترديد ڪئي جنهن ۾ سندس اغوا يا کيس ” مٿان “ کان ڪال اچڻ جي دعوائون ڪيون ويون هيون.
هن وضاحت ڪندي چيو ته هو خير خوبيءَ سان پنهنجي زندگي گهاري رهيون آهي، اهڙي قسم جون خبرون بي بنياد آهن.
ياد رهي ته مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي اهڙيون خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته انور مقصود کي اغوا ڪيو ويو آهي، جنهن تي ساٿي اداڪارن سميت سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.