ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار عامر خان چيو آهي ته هندي سئنما ۾ مردن جي غلبي کي اجاگر ڪرڻ هڪ اهڙو رجحان آهي جيڪو معاشري کي ڏهه سال پوئتي ڌڪي ڇڏي ٿو.
مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان ويجهڙ ۾ فلمي دنيا ۾ مردن جي حڪمراني واري وڌندڙ لاڙي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
عامر خان پنهنجي پرورش ۽ زندگي ۾ موجود مضبوط عورتن جو حوالو ڏيندي چيو ته ماءُ، ڏاڏي، ڀينرن ۽ ٻنهي اڳوڻين گهروارين سندس شخصيت گهرا اثر ڇڏيا آهن.
هن چيوته ”هڪ مضبوط عورت هاڪاري هوندي ۽ هو رڳو منهنجي مدد ڪري سگهي ٿي، شايد اِهو ئي سبب آهي جو مون کي مرد طور ڪو خطرو محسوس ناهي ٿيندو.“
پنهنجي فلمي سفر بابت ڳالهائيندي عامر خان چيو ته هو سماجي مسئلن تي ٻڌل ڪهاڻين ڏانهن فطري طور مائل ٿيندو آهي، پر سندس بنيادي مقصد تفريح فراهم ڪرڻ آهي.
هن وضاحت ڪئي ته ” مان اسڪرپٽ پڙهڻ وقت انهن ڪهاڻين تي ڌيان ڏيندو آهيان جيڪي اهم پيغام ڏينديون آهن، پر اِهو ڪو رٿابندي تحت ناهي هوندو.“
You might also like