هزارين نوڪريون، سنڌ حڪومت نوجوانن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ بيروزگار نوجوانن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته وڏي وزير جي مختلف سيڙپڪارن سان ملاقات ٿي آهي، ڪوشش آهي ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون وڃن، هيلٿ سيڪٽر لاءِ ڪراچي ۾ ميڊيڪل سٽي ٺاهي رهيا آهيون.
هن چيو ته ڌاٻيجي اڪنامڪ زون ۾ پرڏيهي سيڙپڪار انڊسٽري لڳائيندا، پراجيڪٽ سان 50 هزار ماڻهن کي روزگار ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.