اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف وڏي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب، عمران خان خلاف وفاقي حڪومت جي خاص ڪمپلينٽ تي ڪارروائي جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، اڳوڻي وزيراعظم خلاف پاڪستان پئنل ڪوڊ تحت فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
عمران خان تي سوشل ميڊيا ذريعي ماڻهن کي رياست ۽ رياستي ادرن خلاف بغاوت تي ڀڙڪائڻ جا الزام آهن.
اعليٰ حڪومتي اختيارين موجب، عمران خان خلاف ڪارروائي شروع ڪرڻ جي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي ۽ گهرو وزارت کي وفاقي ڪابينا لاءِ سموري تيار ڪرڻ جو ٽاس ڏنو ويو آهي.
ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ عمران خان خلاف انڪوائري ڪئي جنهن بعد ڪارروائي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويوٿيو.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ عمران خان جو ٽرائل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان خلاف پاڪستان پئنل ڪوڊ جي چيپٽر 6 ۽ 9 اي سميت ٻين لاڳاپيل سيڪشنز تحت ڪارروائي شروع ڪرڻ جو پلان ٺاهيو ويو آهي.
ذريعن موجب، سي آر پي سي جي سيڪشن 196 تحت ڪمپلينٽ فائل ڪرڻ ۽ مختلف ڏوهن تي جوابدارن خلاف ڪارروائي لاءِ وفاقي ڪابينا جي منظوري لازمي هوندي آهي.
You might also like