راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سينيئر بيٽر فخر زمان ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز ۾ فٽنس مسئلن سبب قومي اسڪواڊ مان ٻاهر ڪرڻ واري تاثر رد ڪري ڇڏيو.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ فخر زمان سميت اهم رانديگرن کي نظرانداز ڪيو ويو هو.
فخر زمان بابت عبوري وائيٽ بال هيڊ ڪوچ عاقب جاويد چيو هو ته فخر جي نالي تي انڪري غور ناهي ڪيو ويو ڇاڪاڻ هو ته اڃا تائين فارم ۽ فٽنس مسئلن مان ڇوٽڪارو حاصل ناهي ڪري سگهيو.
پر هاڻي فخر جيڪو هن وقت نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ مارخورز جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، لائنز خلاف پنهنجي ٽيم جي افتتاحي ميچ دوران هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي فٽنس ۽ ٽيم واپسي بابت سوالن جا جواب ڏنا آهن.
فخر چيوته هو فٽ آهي ۽ تڏهين کيڏي رهيو آهي، جيڪڏهن موقعو مليو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ لاءِ ضرور کيڏندس.
سندس چوڻ هو ته هن پنهنجو ڪيريئر چيمپيئنز ٽرافي کان شروع ڪيو هو، شڪر آهي ڪارڪردگي سٺي رهي ۽ ميچون کٽيون، ايندڙ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڪوشش ڪندو ته ٽيم شامل ٿي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري.