جئه شاهه بعد بي سي سي آءِ جي نئين سيڪريٽري جي مقرري

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) ديوجيت سائيڪيا کي بورڊ جو عارضي سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، جئه شاهه جي آءِ سي سي چيئرمين بڻجڻ بعد بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري وارو عهدو خالي هو جنهن تي ديوجيت سائيڪيا جي مقرر ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، بي سي سي آءِ صدر راجر بني ديوجيت سائيڪيا جي عارضي سيڪريٽري طور مقرري ڪئي، هو ان کان اڳ ڪرڪيٽ بورڊ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري طور خدمتون انجام ڏئي رهيو هو.
ياد رهي ته بي سي سي آءِ جي اڳوڻي سيڪريٽري جئه شاهه پهرين ڊسمبر کان آءِ سي سي چيئرمين طور پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.