ايشيا فٽبال ڪپ جي ڪواليفائنگ رائونڊ لاءِ ڊراز جو اعلان ڪيوويو، گروپ اي ۾ شامل پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ 25 مارچ تي کيڏندو.
ايشيا فٽبال ڪپ جا مقابلا 2027ع ۾ سعودي عرب ۾ ٿيندا، فٽبال ڪپ لاءِ ٿيل ڪواليفائنگ رائونڊ جي ڊراز جي تقريب ملائيشيا ۾ ٿي.
ڪواليفائنگ رائونڊ 25 مارچ کان 31 جون تائين کيڏيا ويندا جنهن ۾ پاڪستان هوم اينڊ اوي جي بنياد تي ڇهه ميچون کيڏندو.
پاڪستان گروپ اي ۾ شامل آهي جنهن ۾ شام، افغانستان ۽ ميانمار جون ٽيمون به شامل آهن، پاڪستان پهرين ميچ 25 مارچ تي شام خلاف کيڏندو.
پاڪستان ٽيم هوم گرائونڊ تي ڏهه جون تي ميانمار خلاف ميدان تي لهندي، پاڪستان جي ٽئين ميچ افغانستان خلاف هوم گرائونڊ تي کيڏندو، جڏهن ته 14 آڪٽوبر تي افغانستان خلاف افغانستان ۾ شيڊيول آهي.
پاڪستان 18 مارچ تي شام سان هوم گرائونڊ مهاڏو اٽڪائيندو، جڏهن ته 30 نومبر تي ميانمار جي خلاف ميچ کيڏندو، گروپ جي ٽاپ ٽيم ايشيا ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪندي، 18 ٽيمون اڳواٽ ئي ميگا ايونٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن.
You might also like