ميدان ۾ بدتميزي، سراج ۽ هيڊ خلاف آءِ سي سي جو ايڪشن

دبئي (ويب ڊيسڪ) بارڊر – گواسڪر ٽرافي جي ٻي ٽيسٽ دوران ظابطن جي ڀڃڪڙي تي ڀارتي فاسٽ بالر محمد سراج ۽ آسٽريلوي بيٽر ٽرويس هيڊ تي ڏنڊ مڙهيو ويو آهي.
آچر جي ڏينهن ايڊيليڊ ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن آسٽريليا کي کٽڻ لاءِ گهربل 19 رنسن جو هدف بنا ڪنهن نقصان جي حاصل ڪري ورتو هو.
ميچ دوران آسٽريلوي بيٽر ٽرويس هيڊ کي 140 رنسن تي آئوٽ ڪرڻ کانپوءِ محمد سراج چڙڏياريندڙ انداز ۾ جشن ملهايو ۽ اڻ وڻندڙ انداز ۾ پويلين ڏانهن وڃڻ جو اشارو ڪيو هو.
جنهن جي جواب ۾ ٽرويس هيڊ به اڻ وڻندڙ رويو اختيار ڪيو هو ۽ ٻنهي رانديگرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي هئي.
ميچ دوران اڻ وڻندڙ واقعو پيش اچڻ بعد آسٽريلوي ڪرڪيٽرن ۽ ڪامينٽيٽرز طرفان به محمد سراج تي تنقيد ڪئي وئي هئي.
سومر جي ڏينهن بالر محمد سراج کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي محمد سراج تي ميچ فيس جو ويهه سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ۽ سراج ۽ ٽرويس هيڊ کي هڪ هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ ڏني.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته محمد سراج ۽ ٽرويس هيڊ پنهنجي غلطي تسليم ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.