”عمران خان جي ڀينرن جو سياست سان تعلق ناهي، هو رڳو ڀاءُ جو پيغام ميڊيا تائين پهچائن ٿيون“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خانداني ذريعن جو چوڻ آهي عليما خان ۽ ٻين ڀينرن ڪڏهن به ڪو سياسي اعلان ناهي ڪيو.

پي ٽي آءِ باني جي خانداني ذريعن نجي ٽي وي چئنل سان ٽيليفونڪ گفتگو ڪندي ٻڌايو ته عمران خان پنهنجي ڀينرن کي ڏنل هدايتون ميڊيا تائين پهچائڻ جو چوندو آهي.

علي محمد خان جي عليما بابت بيان تي خانداني ذريعن جو چوڻ هو ته هو عمران خان جي هدايت کانپوءِ علي محمد خان يا ڪنهن ٻئي جا پابند ناهن.

خانداني ذريعن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن جو سياست سان ڪو تعلق نه آهي، هو فقط اڳوڻي وزيراعظم جو پيغام ميڊيا تائين پهچائي رهيون آهن.

ان کانسواءِ بشريٰ بي بي جي کيس اڪيلو ڇڏي وڃڻ واري بيان بابت خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي ته ڪنٽينر مان چوندي رهي ته عمران خان کي آزاد ڪرائڻ کانسواءِ اُٿڻو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.