لاھور (عمران شفقت) فوج جيڪو مطالبو ڪيو آھي ته ان مان لڳي ٿو ته اھا حڪومت جي ڪارڪردگي مان خوش ناھي، سياسي ۽ قانون لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان انھن پنھنجي خدشن جواظھار ڪيو آھي. صحافين جي ويھڪ ۾ ڳالھائندي سينئر صحافي رضوان رضي ابصار عالم جوحوالو ڏيندي چيو آھي ته عمران خان جون اسٽبلشمنٽ سان ڳالھيون شروع ٿي ويون آھن پر ھو ڪنھن تي اعتبار نه پيو ڪري ۽ پاڻ ڳالھيون ڪري رھيو آھي. رھي ڳالھ سول نافرماني جي ته ھن وقت مارڪيٽ ۾ لاھو چاڙھو آھي ڪڏھن ريميٽننس وڌي وڃي ٿي ڪڏھن گھٽجي ٿي سو جڏھن به گھٽ ٿيندي ته عمران خان دعويٰ ڪندو ته ڏسو منھنجي سول نافرماني واري سڏ کي موٽ ملي آھي ڳالھين جو نتيجو مارچ کان اڳ نڪري ايندو جو جيل جي گرمي کان اڳ اھو ٻاھر نڪرڻ گھري ٿو. سو عمران جي آزادي جو فيصلو ٿي ويو آھي پر ھو اھڙو تاثر ڌيڻ گھري ٿو ته ڄڻ ھن جي دٻاءٌ جي ڪري کيس آزادي ملي رھي آھي. معاملي کي غلط ھينڊل به ڪيو ويو فوج کي 245 تحت آندو ويو جنھن جو سڌو مطلب آهي ته سرڪاري عمارتن کي حفاظت لاءِ ڪنٽرول ۾ ورتو وڃي گولي ھڻڻ جو ڪٿي به لفظ نه ھيو پر ميڊيا تي جيڪي خبرون ھلايون ويون سي گولي ھلائڻ جي آرڊر جون ھلايون ويون ۽ ان جي بنياد تي ئي اڳتي سمورو معاملو کڙو ڪيو ويو سو فوج جي تازي اعلاميي ۾ ان ڳالھ کي کنيو ويو آھي ته گولي ھڻڻ نه آيا ھياسين. صحافي امداد سومرو چوي ٿو ته ھنن جي ھاڻي بس ٿي وئي آھي اسٽبلشمنٽ ھنن کي لفٽ نه پئي ڪرائي سو ھاڻي ھو اسٽبلشمنٽ بجاءِ لفظ اسٽيڪ ھولڊرز استعمال پيو ڪري ته سرڪار سان به ڳالھيون ھلي وينديون 24 نومبر ڌرڻي ۾ ھن ٽي مطالبا رکيا ھيا ته 26ھين آئيني ترميم ختم ڪريو جيڪي ماڻھو گرفتار آھن تن کي آزاد ڪريو ۽ مينڊيٽ واپس ڪريو ھاڻي سول نافرماني تحريڪ ۾ ھن اھي به مطالبا ختم ڪري ڇڏيا آھن . فوج ھن وقت ٻن معاملن تي پريشان آھي ھڪ ته عدالتون ضمانتون ڏينديون وڃن ٿيون ٻيو معاملو آھي ته پي ٽي آءِ جي پروپيگنڊا جو حڪمران ڌر ٽوڙ نھ پئي ڪڍي جيڪو انھن کي پريشان ڪري ٿو.صحافي سعيد چوڌري ڳالھائندي چيو ته تازو ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس جي اعلاميي ۾ جيڪا اھم ڳالھ ڪئي وئي آھي سا اھا آھي ته حڪومت پروپيگنڊا جي خلاف سخت ترين قانون ٺاھي ۽ انھن تي عمل به ڪرائي، اھو عمل ڪرائڻ وارو لفظ شايد ان جي ڪري وڌو ويو ته حڪومت ته قانون سازي ڪندي رھي ٿي ۽ ڏوھاري گرفتار به ٿين ٿا .