ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) اميگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي 3 عورتن کي آف لوڊ ڪري ڇڏيو.
ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي عمري جي آڙ ۾ پنڻ لاءِ ويندڙ 3 عورتن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي ترجمان چيو ته گرفتار عورتن کي ان کان اڳ لاهور ايئرپورٽ تان به آف لوڊ ڪيو ويو هو، گرفتار عورتن وٽ واپسي جي ٽڪيٽ، هوٽل بڪنگ موجود نه هئي.
ترجمان موجب عورتن وٽ عمري ادائيگي لاءِ گهربل ضروري رقم به اڻ پوري هئي، کين انساني سمگلنگ روڪ سرڪل منتقل ڪيو ويو آهي.
You might also like