وزيراعظم جو چيمپيئنز ٽرافي جي معاملي تي پي سي بي چيئرمين تي مڪمل اعتماد جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيمپيئنز ٽرافي جي معاملي تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم سان پي سي بي چيئرمين ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ شهباز شريف کي چيمپيئنز ٽرافي بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو.
وزيراعظم پي سي بي چيئرمين جي اصولي موقف کي ساراهيو ۽ محسن نقوي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته چيمپيئنز ٽرافي بابت توهان جو موقف هر پاڪستاني جي دل جو آواز آهي، توهان 24 ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪئي، پاڪستان جي عزت سڀ کان اول آهي.
محسن نقوي چيو ته پي سي بي ٽورنامينٽ ڪرائڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي، اسان پاڪستان ۽ ڪرڪيٽ جي فتح چاهيون ٿا، چيمپيئنز ٽرافي جي حوالي سان سٺي خبر ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.