ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سپر اسٽار ماهرا خان انڪشاف ڪيو آهي ته مان اڪثر ڪراچي ۽ لاهور جي بازارن ۾ برقعو پائي ويندي آهيان پر ماڻهو پوءِ به سڃاڻي وٺندا آهن.
آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٿيندڙ 17هين عالمي اردو ڪانفرنس ۾ گفتگو ڪندي ماهرا خان چيو ته مان پنهنجي مينيجر کي چئي رهي هيس ته توهان مون کي لائيٽ هائوس وغيرا ناهيو وٺي ويا، مان ٻڌو آهي ته اهڙين بازارن ۾ تمام سٺيون شيون ملنديون آهن، مان چوان ٿي ته مون کي برقعو پارائي وٺي هلو.
هن چيو مسئلو اهو آهي ته هڪ ٻه دفعا مان لاهور ۽ ڪراچي جي بازارن ۾ برقعو پائي ويس پر ماڻهو مون کي آواز سان سڃاڻي ويندا آهن ۽ ائين نٿو ٿي سگهي ته مان خاموش رهان، نه ته مزو نه ايندو.
سندس چوڻ هو ته مان مٿي کان پير تائين برقعي سان ڍڪيل هوندي آهي پر ماڻهو آواز سڃاڻي ويندا آهن ۽ چوندا آهن ته توهان ماهرا خان آهيو نه؟ جواب ۾ انڪار ڪري ڇڏيندي آهيان ته مان ماهرا ناهيان.
You might also like