ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سفاري پارڪ ۾ هاٿڻ سونيا مري وئي، عملي موجب سونيا جو موت رات جي وقت اوچتو ٿيو.
آچر جي صبح عملو سفاري پارڪ پهتو ته هاٿڻ مئل هئي، پوسٽ مارٽم کانپوءِ ئي موت جو ڪارڻ معلوم ٿيندو.
سفاري پارڪ ۾ 3 هاٿڻيون موجود هيون، سونيا ۽ ملڪه اڳ ئي اتي موجود هيون، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ چڙيا گهر مان مڌو بالا کي به سفاري پارڪ منتقل ڪيو ويو هو.
هوڏانهن ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جاچ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سفاري پارڪ ۾ سونيا جي موت تي افسوس ٿيو، غفلت ٿي آهي ته ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته هاٿڻ جو مڪمل پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو ۽ سمورا ڪارڻ عوام ۽ ميڊيا سامهون آندا ويندا.
You might also like