شام ۾ ڇڪتاڻ، سوين پاڪستان زائرين ڦاسي پيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) باغي مليشيا حيات التحرير الشام جي شام تي قبضي سبب سوين پاڪستاني زائرين شام ۾ ڦاسي پيا.
بشار الاسد جي ملڪ مان فرار ٿيڻ کانپوءِ باغي مليشيا حيات التحرير الشام سرڪاري عمارتن ۽ ايئرپورٽس جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي.
ذريعن موجب ايئرپورٽ جي بندش سبب شام ۾ تقريبن 250 پاڪستاني زائرين ڦاسي پيا آهن.
واضح رهي ته هر سال لکن جي انگ ۾ پاڪستاني زائرين مقدس هنڌن جي زيارت لاءِ عراق ۽ شام جو سفر ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.