ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) چولستان ڪئنال سميت تڪراري 6 ڪئنالن واري منصوبي تي پنهنجي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چولستان ڪئنال منصوبي کي سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي وارو منصوبو قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ سنڌ جي آبپاشي کاتي کي ان تڪراري ڪئنال منصوبي خلاف ڀرپور ڪيس تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي سنڌ جو ان تڪراري چولستان ڪئنال منصوبي جي خلاف ايڪنڪ ۽ سي سي آءِ سميت سڀني آئيني فورمن تي ڀرپور ڪيس وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جمعي ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو،جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن قاسم سراج سومرو، سيد فرخ شاهه، مخدوم فخرالزمان، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو، ڊي جي آڊٽ سنڌ، آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئرن سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار احمد کهڙو سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽريءَ کان تڪراري چولستان ڪئنال سميت 6 ڪئنالن بابت بريفنگ ورتي جنهن تي آبپاشي سيڪريٽري ظريف کيڙو پي اي سي کي ٻڌايو ته چولستان ڪئنال نان پيرينل ڪئنال آهي جنهن جي گنجائش 4152 ڪيوسڪ آهي جيڪو منصوبو ڏکڻ پنجاب جي زمينن کي آباد ڪرڻ جو آهي، چولستان ڪئنال لاءِ پنجاب حڪومت جهلم، رسول آباد قادرآباد بئراج ۽ سليمانڪي بئراج کي ري ماڊل ڪرڻ چاهي ٿي، هنن بئراجن جي ري ماڊلنگ جي ڪري چولستان ڪئنال کي پاڻي جي ڊسچارج جهلم مان ٿيندي جڏهن ته ستلج درياهه کي جهلم ۽ چناب مان ملندو آهي ڇاڪاڻ ته ستلج کي پنهنجو پاڻي ناهي جنهن ڪري چولستان ڪئنال لاءِ چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند ڪئنال مسلسل وهايو ويندو ۽ چشما جهلم ڪئنال ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال مان سنڌ جو پاڻي کنيو ويندو جنهن ڪري سنڌو درياهه کي وڌيڪ پاڻي جي گهٽتائيءَ سان منهن ڏيڻو پوندو، جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو آبپاشي کاتي کي ان تڪراری ڪئنال منصوبي خلاف وفاق آڏو سنڌ جو ڀرپور موقف پيش ڪرڻ لاءِ ڪيس تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سنڌ کي چولستان ڪئنال تي سخت خدشا ۽ اعتراض آهن ڇاڪاڻ ته واڌو پاڻي موجود ئي ناهي ته هنن ڪئنالن ۾ پاڻي ڪٿان آندو ويندو ان لاءِ سنڌ کي اِهو خدشو آهي ته چشما جهلم لنڪ ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال مسلسل وهائي سنڌ جي پاڻيءَ مان چولستان ڪئنال کي پاڻي ڏنو ويندو، سنڌ ان تڪراري ڪئنال منصوبي خلاف پنهنجو ڪيس ڀرپور نموني سڀني آئيني فورمن ايڪنڪ ۽ سي سي آءِ ۾ پيش ڪندي، نثار کهڙو چيو ته سنڌ پنهنجي پاڻيءَ تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي ۽ چولستان ڪئنال منصوبو سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي جو منصوبو آهي جيڪو سنڌ کي قبول ناهي، ان موقعي تي پي اي سيءَ وفاقي حڪومت کان سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ ۽ ان تڪراري ڪئنال منصوبي تان هٿ کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو ته وفاقي حڪومت تڪراري ڪئنال منصوبي تان دستبرداريءَ جو اعلان ڪري سنڌ جي عوام ۾ پيدا ٿيل بيچيني کي ختم ڪري.
سنڌ ۾ ڪئنالن جي لائننگ بابت 6 ارب رپين جو رڪارڊ طلب
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ آبپاشي کاتي جي سال 2019ع ۽ 2020ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ آبپاشي کاتو سنڌ ۾ ڪئنالن جي لائننگ لاءِ 20 منصوبن بابت 6 ارب روپين کان وڌيڪ جي پي سي ون سميت آڊٽ جو رڪارڊ فراهم نه ڪري سگهيو، جنهن تي پي اي سي ايندڙ اجلاس ۾ آبپاشي کاتي کي ڪئنالن جي لائننگ واري 6 ارب روپين جي منصوبي بابت پي سي ون سميت ٻيو آڊٽ رڪارڊ گهري ورتو، پي اي سي اجلاس ۾ ڄامشورو ۽ نوشهروفيروز ۾ آبپاشي کاتي جي ڪروڙين روپين جي ڊوزرن سميت 135 ٽرانسفارمر ۽ ٻي مشينري چوري ٿيڻ جو انڪشاف سامهون آيو جنهن تي پي اي سي چيئرمين پڇاڻو ڪيو ته ڊوزر ڪيئن چوري ٿيو؟ ۽ ان واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ته پوءِ ان تي ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ جنهن تي آبپاشي کاتي پي اي سي کي ٻڌايو ته واقعي بابت ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي ۽ جاچ ۾ ان وقت جي اي اِي اين کي ملوث قرار ڏنو ويو آهي جيڪو هن وقت رٽائرڊ ٿي ويو آهي ۽ کانئنس ڊوزر چوري جي رڪوريءَ لاءِ عدالت ۾ سوٽ داخل ڪيو ويو آهي جنهن تي پي اي سي آبپاشي کاتي جي مشينري ۽ ٽرانسفارمر چوري ٿيڻ واري واقعي جي داخل ايف آءِ آر تي پيش رفت بابت ايس ايس پي ڄامشورو، ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري کان ايندڙ اجلاس ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پي اي سي آبپاشي کاتي کي سنڌ ۾ ڪئنالن جي لائننگ سميت ايمرجنسي بنيادن تي ڪئنالن جي مرمت بابت مڪينيزم تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.