اسلام آباد (نجم سيٺي) عمران خان جي ٻن مطالبن مان ھڪ قبولڻ جوڳو آھي تھ جڊيشل ڪميشن جوريو وڃي باقي قيدين جي آزادي جي باري ۾ معاملا اڳتي ھلي حل ٿي ويندا پر اھي عدالتي طريقي سان ٿيندا ائين بنا ڪنھن ٻڌڻي جي گرفتار ماڻھن کي آزادي نھ ٿي سگھندي. عمران خان کي سول نافرماني جي ڳالھھ نھ ڪرڻ گھرجي ھا ھڪ پاسي ڳالھيون ٻئي پاسي ڌمڪي نھ ھلي سگھندي. سو ان ڳالھ ئي ڪير بھ قبول نھ ڪندو تھ ڳالھيون ڪندي ڌمڪي بھ ڏني وڃي. ريميٽننس اماڻڻ واريون ڳالھيون روڪڻ وارو معاملو ھلينھ سگھندو ، ماڻھو پنھنجي خاندانن لاءِ پيسا موڪليندا آھن سو انھن کي روڪڻ ممڪن ناھي. بشريٰ بي بي جي باري ۾ ڪا پڪ ناھي تھ اھا ڊي ڇوڪ پھتي ھئي يا نھ پھتي ھئي. سو ان معاملي ۾ مونجهارو آھي. سندس اھو الزام اھم آھي ھن اڳواڻن مٿان الزام لڳايو آھي تھ اھي ڇڏي فرار ٿي ويا بشريٰ بي بي ۽ عليمھ جي اچڻ سان پي ٽي آئي اندر ٽوڙڦوڙ وڌي وئي آھي. پي ٽي آئي ڪنھن سياسي پارٽي واري طرز عمل تي نھ پئي ھلي. شيخ رشيد غلطي ڪئي تھ چيف جي خلاف بيھي رھيو ۽ عمران ۽ اسٽبلشمنٽ خلاف وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس سڌ نھ ھئي تھ چيف ئي اسٽبلشمنٽ آھي سو ان ٽڪراءَ ۾ شيخ رشيد کي نقصان ٿيو . ممڪن آھي تھ ھاڻي شيخ رشيد کي اشارو مليو ھجي تھ وڃي جيل ۾ قيدي سان ملاقات ڪر. عمران جڏھن آيو ھيو يا کيس آندو ويو ھيو تھ اھا اميد ڪئي وئي ھئي تھ پاڪستان اندر پيسو آڻ اسٽيبلٽي آڻ استحڪام آڻ پر ھڪ ٽڪو بھ نھ آيو. ھو يارھين وڳي ايندو ھئو ٽي چئين وڳي گھر ھليو ويندو ھيو ھو پارٽ ٽائيم پرائيم منسٽر ھوندو ھيو. جيڪا ٽيم ھن ٺاھي سا يوزليس ٽيم ھئي .خان جي دوران عالمي تعلقات سڀني سان خراب ٿي ويا آمريڪا سعودي عرب سان ، انڊيا سان جيڪي بگڙيل ھئا انتھائي بگڙجي ويا.