شير افضل مروت کي وڏو عدالتي رليف ملي ويو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي راڄڌاني ۽ پنجاب پوليس کي 20 ڊسمبر تائين پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت جي ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ بابت درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ارباب محمد طاهر ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران عدالتي حڪم تي ڊي ايس پي ليگل طرفان سيل ايف آءِ آر جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
جسٽس ارباب محمد چيو ته اسان ايگزيڪٽيو مئجسٽريٽ جي پاور بابت هڪ فيصلو ڏنو آهي، ان تي شير افضل مروت چيو ته اوهان بهترين لينڊ مارڪ آرڊر ڏنو.
شير افضل مروت چيو ته آءِ جي پنجاب وٽان به رپورٽ اچڻي آهي، جنهن تي عدالت ڊي ايس پي ليگل کي هدايت ڪئي ته اوهان پنجاب حڪومت سان رابطو ڪري رڪارڊ گهرايو.
شير افضل مروت چيو ته هن جا 41 لک رپيا پنهنجي ڪيسن جي وڪالت ۾ لڳي ويا آهن، اسلام آباد ۾ ڪيسن لاءِ 10 ڊسمبر جڏهن ته پنجاب وڏو آهي تنهنڪري 20 ڊسمبر تائين وقت ڏنو وڃي، جتي ڪيس هوندو اتي پيش ٿيندس.
عدالت اسلام آباد ۽ پنجاب پوليس کي 20 ڊسمبر تائين شير افضل کي ڪنهن به داخل ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.