چارسده ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي چيو آهي ته هن کي ڊي چوڪ تي اڪيلو ڇڏيو ويو هو پر هوءَ ڀڄڻ واري عورت ناهي.
بشريٰ بي بي اسلام آباد ۾ ڌرڻي ۾ حياتي وڄ ويل تاج الدين جي گهر پهتي جتي هن وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ کين هڪ ڪروڙ جو چيڪ ڏنو، بشريٰ بي بي زاهد آباد ۾ شهيد تاج الدين جي نالي سان گرلز هاءِ اسڪول ٺاهڻ جو اعلان پڻ ڪيو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بشريٰ بي بي چيو ته هوءَ ڪارڪنن جي شهادتن سبب تڪليف ۾ هئي، هوءَ ڀڄڻ واري عورت نه آهي، کيس ڊي چوڪ تي اڪيلو ڇڏيو ويو هو، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ماڻهو ڪوڙ ڇو ڳالهائي رهيا هئا.
هن چيو ته هوءَ خان لاءِ نڪرڻ وارن کي ڪڏهن به اڪيلو نه پئي ڇڏي سگهي، ڪنهن خبر نه ئي ته سندس گاڏي ڪهڙي آهي.
سندس چوڻ هو ته هوءَ ڊي چوڪ تي رات ساڍي ٻارهين تائين گاڏي ۾ اڪيلي موجود هئي، هو زبردستي ڊي چوڪ خالي ڪرائي رهيا هئا.
Prev Post
You might also like