پي ٽي آءِ باني هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ تيار

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات کانپوءِ سندس ڀيڻ عليما خان اڳوڻي وزيراعظم جا ٻه مطالبا ميڊيا آڏو رکي ڇڏيا.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته حڪومت ماڻهن کي ڊيڄاريو، گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، عورتن سان اُهو ڪيو جيڪو پهريان ڪڏهن نه ٿيو، ماڻهو رڍون ٻڪريون بڻجڻ کان انڪار ڪندا ته ظلم جو نظام ختم ٿي ويندو.
عليما خان جو چوڻ هو ته 26 نومبر تي اسنائپر ذريعي ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو، جناح ايونيو تي جيڪو آپريشن ٿيو ان ۾ ڏيڍ سئو ماڻهو گم آهن.
حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي عليما خان چيو ته پهريان اوهان جهموريت کي ختم ڪيو، جهموريت قومي اسيمبلي، عدليا ۽ ميڊيا تي بيٺل آهي، انهن ٽنهي شين کي تباهه ڪيو ويو آهي.
عليما خان جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ٻه مطالبا رکيا آهن، سپريم ڪورٽ جي ججن جي ماتحت جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، جي آءِ ٽي 9 مئي ۽ 26 نومبر جي سانحن جي جاچ ڪري، ٻيو مطالبو اِهو آهي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ڳاليهن جي آڇ ڪري ٿي ته پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪميٽي ساڻن ڳالهيون ڪندي.
گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر سان ڏند چڪ واري معاملي تي عليما خان چيو ته سندس اعتراض آهي ته رڳو 12 ماڻهو شهيد ناهن ٿيا، ڪيترائي گم ۽ جيلن ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.