مفت سولر پئنل اسڪيم لانچ، حاصل ڪرڻ جو طريقو ڄاڻيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب سرڪار هڪ لک واهپيدارن لاءِ ” سي ايم پنجاب فري سولر پئنل اسڪيم “ لانچ ڪري ڇڏي.
وزيرِاعليٰ مريم نواز سي ايم پنجاب فري سولر پئنل اسڪيم جو باظابطا افتتاح ڪري ڇڏيو، سولر پئنل حاصل ڪرڻ لاءِ پنجاب جا واهپيدار اڄ کان ئي ايس ايم ايس يا آن لائين پورٽل تي گهر ويٺي اپلاءِ ڪري سگهن ٿا.
پنجاب جي توانائي واري وزير مفت سولر پئنل اسڪيم بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسڪيم تحت سڄي سال دوران هڪ لک سولر پئنل سسٽم لڳايا ويندا.
هن چيو ته صوبي ۾ ماهوار ٻه سئو يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي سولر سسٽم مفت ڏنو ويندو ۽ سئو يونٽ ماهوار استعمال ڪندڙ 52 هزار 19 واهپيدارن کي 550 واٽ جو مفت سولر سسٽم ڏنو ويندو.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻه يونٽ تائين ماهوار بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي سئو واٽ وارو سولر سسٽم مفت ڏنو ويندو ۽ سولر پئنل اسڪيم ۾ شفافيت لاءِ ڪمپيوٽرائزڊ قرعه اندازي ڪئي ويندي.
ان موقعي تي مريم نواز جو چوڻ هو ته مفت سولر اسڪيم جو مقصد عوام کي مهانگي بجلي مان مستقل رليف ڏيڻ آهي، في يونٽ 14 رپيا سبسڊي سان پنجاب جي 73 لک واهپيدارن لاڀ حاصل ڪيو، عوام جا وسيلا عوام جي سهولت ۽ رليف لاءِ ئي خرچ ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.