ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته وفاق ۽ صوبا پاڻي معاملي تي گڏجي ويهي اتفاق راءِ سان فيصلو ڪن، سنڌ سان انصافي نه ٿيڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته ڇهن ورهين کان ڪيس هلندڙ آهي، تاريخ تي تاريخ ملي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته سندن پارٽي ڪيسن کي منهن ڏئي رهي آهي، اهي قانوني معاملا آهن، جن تي هو وڌيڪ بحث نٿا ڪري سگهن.
سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته پيپلزپارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو، صدر آصف علي زرداري ڪيترائي سال جيل ڪاٽيو.
هن چيو ته پيپلزپارٽي جي سموري قيادت ملڪ جي هر عدالت ۾ پيش ٿي آهي، 1973ع جو آئين شهيد ذوالفقار علي جي ڪري مليو.
سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته وفاق ۽ صوبا پاڻي معاملي تي گڏجي ويهي اتفاق راءِ سان فيصلو ڪن، سنڌ سان انصافي نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جو 95 سيڪڙو زراعت تي هلندو آهي، پاڻي معاملي تي پيپلزپارٽي اڳ به مخالفت ڪئي آهي ۽ هاڻي به ڪري ٿي، پاڻي معاملي تي سنڌ جي قومپرست ۽ نيشنل پارٽين سان گڏ بيٺل آهن.
You might also like