ايم ڪيو ايم کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته ڪراچي شهر کي تباهه ڪنهن ڪيو؟: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سعيد غني ايم ڪيو ايم جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم کان پڇا ڪئي وڃي ته ڪراچي شهر کي تباهه ڪنهن ڪيو؟.
سندس چوڻ هو ته ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي ۽ ٻين ادارن کي ڪنهن تباهه ڪيو؟ انهن ادارن جي بربادي جي شروعات ڏسو ته ايم ڪيو ايم جو چهرو نظر ايندو.
صوبائي وزير سعيد غني چيو ته هڪ اداري کي تباهه ۽ برباد ڪري چون ٿا ٺيڪ ناهي، جڏهن ايم ڪيو ايم راڄ ڪندي هئي ته ان وقت ادارن کي ڪٿي پهچايو ويو.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي دور ۾ غريبن جي رٽائرمينٽ ۽ پينشن جا پيسا ڪيڏانهن ويا؟ ايم ڪيو ايم کي اهي ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، انهن سمورين شين جي ذميوار ايم ڪيو ايم آهي.
صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪي فور منصوبو بدقسمتي سان وڌيڪ دير جو شڪار ٿي ويو آهي، ڪي فور منصوبي جو پي سي ون منظور ٿيو ته 450 ارب لاڳت ٻڌائي وئي، هن ان وقت به چيو هو ته ايتري لاڳت نه هئڻ گهرجي.
سعيد غني چيو ته ڪي فور منصوبو صوبائي سطح تي منظور ٿي ڪري وفاقي سطح تائين ويو، تحريڪ انصاف حڪومت آئي ڪنهن چيو ته ڪي فور ۾ وڏي ڪرپشن آهي، پي ٽي آءِ باني ڪم روڪرائي ڇڏيو، جاچ شروع ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.