ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري 12 سال بنا ڪنهن ڏوهه جي سزا ڪاٽي، مختلف سياسي پارٽيون به عدالتن کي منهن ڏئي رهيون آهن، جيڪي اهڙا ڪيس ٺاهيندا آهن، اهي پاڻ اڄ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ڪراچي ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هميشه حق ۽ سچ سان گڏ انصاف لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، هڪ آمراڻي ذهنيت آهي، ڪالهه تحريڪ انصاف باني عدالت مان اٿي هليو ويو، عدالتن کي ائين نٿو جهڪائي سگهي.
سندس چوڻ هو ته 2015ع کان هنن ڪيسن کي منهن ڏنو، 9، 9 سال عدالتن ۾ حاضر ٿيندا رهيا، هو انهن حالتن ۾ به حاضر ٿيا جڏهن سندن پارٽي ۽ مٿن سختي هئي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي ذهنيت آهي ته اسٽيبلشمينٽ، عدليا ۽ اليڪشن ڪميشن سميت سڀ سندس چوڻ تي هلن، اليڪشن ڪميشن جڏهن تحريڪ انصاف باني جي چوڻ تي نه هلي ته سڀ کان تڪراري سڪندر سلطان راجا کي بڻايو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ذهنيت آمراڻي آهي، گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي خيبرپختونخوا ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ کانسواءِ سمورين پارٽين شرڪت ڪئي، سمورين سياسي پارٽين کي ويهارڻ تحريڪ انصاف جو ڪم هو.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ڪي پي ۾ حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن، پوليس سج لهڻ کانپوءِ روڊن تي نظر نٿي اچي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪي پي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت جو ٽيون دور آهي، شرم جوڳي ڳالهه آهي ته اتي ميمبر پنهنجي تڪ ۾ نٿا وڃي گهن، جنهن پوليس کي امن ڪرائڻ گهرجي، ان کي چيو ويو ته لانگ مارچ لاءِ سڪيورٽي ۽ هٿيار ڏئي ته وفاق تي حملو ڪري سگهن.
ٿي.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته آئيني عدالتون ٺاهيون ويون، سنڌ صوبي به آئيني عدالتون قائم ڪيون، پ پ چيئرمين چاهي ٿو ته ماڻهن کي انصاف ملي ۽ سندن مسئلا حل ٿين، اهڙا ڪيس به هئا، قتل ڪيس ۾ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي وئي ۽ اپيل تي کيس بري ڪيو ويو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڻي معاملي تي پ پ چيئرمين، وڏو وزير ۽ سنڌ سرڪار واضح موقف رکن ٿا، پاڻي جي معاملن کي 1991 جي معاهدي تحت حل ڪيو وڃي، تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ اي پي ايس سانحو ۽ بنون جيل تي حملو ٿيو.
You might also like