پارليامينٽ جي اڻ مڪمل رھڻ جي ذميوار عدليه؟

اسلام آباد( عبدالقيوم صديقي) جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس 6 ڊسمبر تي ٿيندو. جنھن ۾ ھاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي مقررين جي حوالي سان فيصلا ڪيا ويندا .پارليامينٽ ھاءِ ڪورٽ جي ججن جي عمر 40 سال ڪري ڇڏي آھي 31  نالا نامزدگين جي حوالي سان سامھون آيا آھن ھوڏانھن مخصوص سيٽن جي حوالي سان  آئيني بئنچ سماعت جي شروعات ڪئي سلمان اڪرم راجا، حامد خان عابد زبيري پي ٽي آءِ طرفان پيش ٿيا.سلمان اڪرم راجا ايندي ئي چيو تھ ھن معاملي تي رجسٽرار آفيس اعتراض واريا آھن ٻيو تھ صدر جي صحيح کان اڳ ئي اسان ان کي چيلينج ڪري ڇڏيو ھيو سو اسان چاھيون ٿا تھ ٻئي درخواست داخل ڪريون جنھن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو تھ توھان ايترو وقت ضايع ڪيو اگر پھريون درخواست ڏيو ھا تھ وقت بچي ھا پي ٽي آئي سمجھي ٿي تھ ھن وقت پارليامينٽ اڌوري آھي ۽ مخصوص سيٽن جو معاملو نھ اليڪشن ڪميشن حل ڪري سگھي آھي نھ وري عدالت سو ممڪن آھي تھ اڳتي ھلي پي ٽي آءِ درخواست ئي داخل نھ ڪري. پوري معاملي ۾ اگر پارليامينٽ نا مڪمل  آھي ان جي سموري ذميواري  سپريم ڪورٽ مٿان اچي ٿي.سپريم ڪورٽ ۾ 34 نالا آيا آھن  جن مان 18 ججن جي مقرري ٿيڻي آھي. لاھور ھاءِ ڪورٽ ۾ 24 آساميون خالي آھن  پھرين مرحلي ۾ ست نالن جي نامزدگي سامھون آئي آھي،هڪ ڪورٽ رپورٽر ناصراقبال چيو تھ مخصوص سيٽن وارا ھاڻي سوال ڪري رھيا آھن تھ آخر اسان جو ڇا ٿيندو جڏهن ته ججن جي  مقرري جي حوالي سان سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ھڪ نالو تھ اھڙو آھي جيڪو جج نھ ٿي سگھندو ان حوالي سان ڳالھيون اچي رھيون آهن 13 نالن مان ٿي سگھي ٿو تھ 11 ٿي وڃن 2 نھ ٿي سگھن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 06 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.