سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ جو بيانيو پنهنجي موت مرڻ لڳو

راولپنڊي(عمران شفقت)فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ پي ٽي آءِ احتجاج ۽ رياست جي بيانيي جي تناظر ۾ تجزياتي رپورٽ به پيش ڪئي وئي ته ماڻهو ڇا چئي رهيا آهن؟ ڇا سوچي رهيا آهن؟ سوشل ميڊيا تي 25 نومبر تي 53 سيڪڙو صارف اهو مڃي رهيا هئا ته پي ٽي آءِ ٺيڪ چئي رهي آهي، 30 نومبر تي 74 سيڪڙو صارف ان ڳالهه تي متفق هئا ته پي ٽي آءِ جو بيانيو ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي،ان جو سبب اهو آهي ته پي ٽي آءِ وارا سمجهي رهيا هئا ته 24 نومبر تي وڏي انگ ۾ ماڻهو اچي يا عمران خان کي اڊيالا مان آزاد ڪرائي وٺي ويندا يا رياست کي گهٽ ۾ گهٽ جهڪائي ڳالهين تي مجبور ڪرائي وٺندا پر پوءِ بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور سڀ کان پهرين ڀڄڻ جي شروعات ڪئي ۽ هٿين خالي ڪارڪنن کي وڏي مار پئي، ائين 24 نومبر واري ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي،ڪنٽينر تي نماز پڙهندي شهيد ڄاڻايل سندن  ڪارڪن به بعد ۾ زندهه ٿي ويو،پاڪستان کي فيڪ نيوز(ڪوڙين خبرن)ذريعي ڪمزور ڪيو ويو آهي، فيڪ نيوز جو علاج برطانيا ۽ آمريڪا جهڙا سڌريل ملڪ به ڪري رهيا آهن ته پاڪستان ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟ حڪومت کي ان حوالي سان تڪڙي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو،اهو پهريون ڀيرو آهي ته فوج به حڪومت کان مطالبو ڪري رهي آهي ته فيڪ نيوز جو ڪو حل ڪڍو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 06 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.