روس کان پاڪستان تائين ٽرين هلائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن ۾ وڏو بريڪ ٿرو سامهون اچي ويو، ٻئي ملڪ ماسڪو کان پاڪستان تائين ٽرين هلائڻ تي متفق ٿي ويا.
پاڪستان ۽ روس ۾ واپار ۽ زميني لاڳاپن ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، ٻنهي ملڪن ۾ ڪارگو ٽرين هلائڻ تي اتفاق ٿيو آهي.
توانائي واري وزير اويس لغاري روسي ميڊيا کي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته آزمائشي طور تي اها ٽرين ايندڙ سال مارچ کان شروع ڪئي ويندي، ڪارگو ٽرين ايران ۽ آذربائيجان رستي روس ويندي، ٽرين نارٿ سائوٿ ڪوريڊور تحت هلائي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته روس ۽ پاڪستان ۾ سڌي ريت ايئر سروس هلائڻ تي به ڪم جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.