حيدرآباد دکن(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارتي فلمن جي سپر اسٽار الو ارجن جي فلم ” پشپا ٽو- دي رول“ جي اسريننگ دوران عورت مداح حياتي وڃائي ويٺا جڏهن ته ٻه ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا آهن.
الو ارجن جي فلم پشپا ٽو اڄ سموري دنيا جي سئنما گهرن ۾ رليز ڪئي وئي آهي، جڏهن ته يوٽيوب تي پشپا ٽو جي تيلگو، هندي ۽ تامل ٻولين ۾ جاري ڪيل ٽريلرز اڳواٽ ئي رڪارڊ ٽوڙ ويوز حاصل ڪري چڪا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گذريل ڏينهن حيدرآباد دکن جي سنڌيا ٿيٽر ۾ پشپا ٽو جي اسڪريننگ ڪئي وئي، ان موقعي تي وڏي انگ ۾ مداح الو ارجن ۽ ٻي ڪاسٽ جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ ٿيٽر جو رخ ڪيو، ان دوران ڀاڄ سبب 39 ورهين جي عورت مداح فوت ٿي وئي جڏهن ته سندس ٻه ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پوليس هجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ لٺبازي پڻ ڪئي جنهن سبب ماڻهو آپي مان نڪري ويا، حالتون ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس جي واڌو نفري طلب ڪئي وئي.