ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سياستدان بابا صديقيءَ کي قتل ڪندڙ شوٽرز جو پهريون ٽارگيٽ سلمان خان هو، پر اداڪار جي سخت سيڪيورٽي سبب شوٽرز کي پنهنجو منصوبو تدبيل ڪرڻو پيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، شوٽر پوليس کي ڏنل بيان ۾ انڪشاف ڪيو ته کيس گينگ پهريان سلمان خان کي شوٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر سلمان خان جي سخت سيڪيورٽي سبب بابا صديقي کي پهريان نشانو بڻايو ويو.
واضح رهي ته 12 آڪٽوبر تي ڀارتي رياست مهارشٽرا سان تعلق رکندڙ اڳوڻي وزير بابا صديقي کي باندره ايسٽ ۾ سندس پٽ ايم ايل اي ذيشان صديقي جي آفيس ٻاهران قتل ڪيو ويو هو.
جاچ دوران جوابدار شيو ڪمار ٻڌايو ته ” بابا صديقي کي قتل ڪرڻ لاءِ نائين ايم ايم پستول جو استعمال ڪيو ويو، اڳوڻي وزير جو قتل لارنس بشنوئي جي ڀاءَ انمول بشنوئي جي چوڻ تي ڪيو ويو.“
هن چيو ته جوابدارن جو انمول سان رابطو لارنس بشوئي جي ويجهي ساٿي شڀم لونڪر ذريعي ٿيندو.
سلمان خان سان لارنس بشنوئي جو تڪرار ڪڏهن شروع ٿيو؟
بشنوئي برادري ۾ ڪاري هرڻ کي هڪ مقدس سمجهيو ويندو آهي.
بشنوئي ۽ سلمان خان وچ ۾ تڪرار ان وقت شروع ٿيو جڏهن سال 1998ع ۾ سلمان خان ساٿي اداڪار سيف علي خان، تبو، سونالي ۽ نيلم سان گڏ فلم ” هم ساٿ ساٿ هين “ جي شوٽنگ لاءِ راجسٿان جي شهر جوڌپور ۾ موجود هئا.
سال 2018ع ۾ جوڌپور جي عدالت ڪاري هرڻ واري ڪيس ۾ سلمان خان کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي، بعد ۾ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، پر ان کانپوءِ بشنوئي برادري دبنگ اسٽار جي جاني دشمن بڻجي وئي.
هلندڙ سال 14 اپريل جي صبح جو ٻن موٽر سائيڪل سوارن ممبئي ۾ سلمان خان جي اپارٽمينٽ ٻاهران فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا هئا.
ان کانپوءِ پوليس واقعي ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، شروعاتي جاچ دوران جوابدارن جو واسطو لارنس بشنوئي گينگ سان ڄاڻايو ويو هو.
گينگسٽر بشنوئي جي ڀاءَ انمول بشنوئي سلمان خان جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جي ذميواري قبول ڪئي هئي.
13 آڪٽوبر تي گينگ جي هڪ ميمبر فيسبڪ پوسٽ ذريعي بابا صديقي جي قتل جي ذميواري قبول ڪئي.
فيسبڪ پوسٽ ۾ لکيو ويو ته گينگ بابا صديقي کي اداڪار سلمان خان ۽ دائود ابراهيم سان مبينا رابطن سبب نشانو بڻايو.
پوسٽ ۾ سلمان خان جي گهر جي ٻاهران فائرنگ ۾ هڪ جوابدار انوج ٿاپن جو به ذڪر ڪيو ويو هو.
ياد رهي ته لارنس بشنوئي جو ڳاڻيٽو ڀارت جي وڏن گينگسٽرز ۾ ٿيندو آهي ۽ هو هن وقت تهاڙ جيل ۾ قيد آهي.
مشهور پنجابي راڳي سڌو موسي والا جي قتل جي ذميواري به لارنس بشنوئي گينگ جي هڪ رڪن قبول ڪئي هئي.