راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پوليس قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب کي اڊيالا جيل ٻاهران گرفتار ڪري ورتو.
پوليس طرفان عمر ايوب سميت اڳوڻي صوبائي وزير راجا بشارت، ملڪ احمد چٺا ۽ عظيم الدين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
عمر ايوب سميت پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اڊيالا جيل آيا هئا.
پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اڊيالا جيل جي احاطي مان گرفتار ڪري جيل چوڪي منتقل ڪري ڇڏيو.
You might also like