لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي خوبرو اداڪارا ماهرا خان پنهنجي ذهني صحت بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن
ويجهڙ ۾ ماهرا خان هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ مختلف موضوعن تي ڳالهايو، اداڪارا پوڊ ڪاسٽ دوران هڪ ڀيرو ٻيهر ذهني مسئلن جو شڪار هئڻ جو اعتراف ڪيو.
ماهرا خان مشورو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو ذهني بيماري سميت ڪنهن به بيماري ۾ مبتلا آهي ته ان تي شرمندگي محسوس بدران جلد کان جلد ان جو حل ڳولي.
اداڪارا ٻڌايو ته هاڻي جلد هوءَ چاليهه ورهين جي ٿي ويندي پر کيس اڄ به اُهو وقت ياد آهي جڏهن هوءَ ٽيهه ورهين جي هئي.
هن چيو ته کيس پنهنجي صحت جو تنهن وقت خيال رکڻ گهربو هو جڏهن هوءَ ٽيهه ورهين جي هئي، عورتن کي خاص طور پنهنجي صحت جو ڏاڍو خيال رکڻ جي ضرورت هوندي.
ماهرا خان اِهو به چيو ته جيڪي ماڻهو ذهني مسئلن ۽ ڊپريشن جو شڪار آهن، اهڙن ماڻهن کي شرمساري ڇڏي نه رڳو ڊاڪٽرن ۽ ماهرن وٽ وڃڻ گهرجي پر پر پنهنجي ڀرپاسي موجود ماڻهن سان به ڳالهائڻ گهرجي، ماڻهن کي سمجهڻ گهرجي ته ڊپريشن شرمندگي نه پر بيماري آهي جنهن جو علاج موجود آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڊپريشن وقت هوءَ هر وقت دعائون گهرندي هئي، خدا جي ويجهو ٿي وئي هئي جڏهن ته مشڪل وقت ۾ کيس بهترين دوستن، گهرڀاتين ۽ پٽ اذلان جي مدد پڻ حاصل رهي.
You might also like