راشد خان طالبان جي مخالفت ڪري ڇڏي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان راشد خان طالبان حڪومت طرفان عورتن جي طبي ادارن ۾ تعليم پرائڻ تي پابندي واري فيصلي تي سخت موقف اختيار ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، حڪومتي فيصلي بعد راشد خان پنهنجي ملڪ جي عورتن جي حق ۾ ميدان تي اچي ويو آهي .
ڪابل ۾ ميڊوائفري ۽ نرسنگ پروگرام جي شاگردياڻين جي مبينا طور تي ادارن ۾ داخلا تي پابندي مڙهي وئي آهي.
ان ڏس ۾ راشد خان سوشل ميڊيا تي طالبان جي فيصلي تي ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيوآهي.
ڪرڪيٽر چيو ته تعليم کي اسلام ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي، اسلام مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ علم حاصل ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو، قرآن سکڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو.
افغان بالر وڌيڪ لکيو ته هو افغانستان جي ڀينرن ۽ مائرن لاءِ تعليمي ۽ طبي ادارن جا در بند ٿيڻ مايوسي ۽ڏک جو اظهار ڪري ٿو، اِهو فيصلو نه رڳو عورتن جو مستقبل پر معاشري کي به متاثر ڪندو.
راشد خان فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪندي چيو ته افغانستان هڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، سڀني کي تعليم ڏيڻ رڳو هڪ معاشرتي ذميواري ئي نه پر اخلاقي ذميواري پڻ آهي.
هن چيو ته افغانستان کي هر شعبي م خاص طور طبي شعبي ۾ پروفيشنل ماڻهن جي سخت ضرورت آهي، عورت ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي سخت کوٽ ڳڻتي جوڳي آهي ڇو ته ان جو صحت جي سهولتن ۽ عورتن تي سڌي ريت اثر پوي ٿو.
اسپنر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هو ان فيصلي تي نظرثاني جي اپيل ڪري ٿو ته جيئن افغان ناريون تعليم جو پنهنجو حق ٻيهر حاصل ڪري ملڪي ترقي ۾ پنهنجو حصو شامل ڪري سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.