ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي تعليم کاتي ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان مارچ ۽ اپريل ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
صوبائي تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، صوبي ۾ نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان 15 مارچ ۽ يارهين ۽ ٻارهين جماعت جي شاگردن کان امتحان 15 اپريل کان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نوٽيفيڪشن ۾ نتيجن بابت به ٻڌايو ويو آهي ته، ميٽرڪ جا نتيجا 15 جولاءِ ۽ انٽر جا نتيجا 15 آگسٽ تائين ايندا.
ان کانسواءِ نوٽيفڪيشن ۾ اِهو به ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ اسڪولن ۾ تعليمي سال 26-2025 پهرين اپريل کان شروع ڪيو ويندو جڏهن ته ڪاليجز ۾ نئون تعليمي سال پهرين آگسٽ 2025 کان شروع ٿيندو.
اونهاري ۽ سياري جي موڪلن جو پراڻو شيڊيول برقرار رهندو، اونهاري جون موڪلون پهرين جون کان 31 جولاءِ ۽ سياري جون موڪلون 22 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين هونديون.
You might also like