دبئي(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي بي سي سي آءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پيش ڪيل فارمولو قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، ڌرين ۾ اڃا تائين ميگا ايونٽ جي ميزباني، شيڊيول ۽ وينيو بابت ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، جنهن سبب اڄ دبئي ۾ رٿيل آءِ سي سي بورڊ اجلاس هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي بورڊ وٽان جواب نه ملڻ سبب اڄ رٿيل اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ملتوي ڪيو ويو.
ذريعن موجب، چيمپيئنز ٽرافي بابت آءِ سي سي اجلاس هاڻي ست ڊسمبر تي ٿيندو، اجلاس ان وقت ٿيندو جڏهن ته ڀارت پاڪستان جي موقف تي جواب ڏيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي، بي سي سي آءِ کي واضح ڪيو آهي ته هاڻي اجلاس تڏهن ٿيندو جڏهن فيصلو ڪرڻو هوندو، پهريان ڀارت حتمي جواب ڏئي ۽ پوءِ ڳالهيون ٿينديون.
واضح رهي ته آءِ سي سي بورڊ اجلاس اڄ شام ٿيڻ جو امڪان هو جنهن ۾ شرڪت لاءِ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي دبئي پهتو هو.
آءِ سي سي بورڊ اجلاس ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي مستقبل بابت اڄ اهم فيصلن جو امڪان هو.
ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي هائبرڊ ماڊل تحت ٿيڻ جو چٽو امڪان آهي.
چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي ڀارتي ڪرڪيٽ ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته ٽورنامينٽ هائبرڊ ماڊل تحت کيڏي ويندي، جڏهن ته پاڪستان هائبرڊ ماڊل بدران چيمپيئنز ٽرافي ٽو نيشن فارمولو پيش ڪيو.
ويب سائيٽ موجب، پاڪستان نيوٽرول وينيو تي ڀارت سان ٽه ملڪي سيريز کيڏڻ جو شرط پڻ رکيو، ڀارت ٽه ملڪي سيريز ڪرائڻ وارو مطالبو منظور نه ڪندو، جڏهن ته بورڊ ميمبرز جي اڪثريت چيمپيئنز ٽرافي ٽو نيشن فارمولي تحت ڪرائڻ تي اتفاق ڪندي.
چيمپيئنز ٽرافي: ڀارت جو پي سي بي فارمولو قبولڻ کان انڪار، آءِ سي سي اجلاس وري ملتوي
You might also like