اسلام آباد(فخر دراني) عمران خان کي جيل اندر پل پل جي خبر ملڻ تي حڪومت سان گڏ پي ٽي آئي قيادت بھ حيران پريشان بڻيل آھي. 24 نومبر واري لانگ مارچ بعد پھريون ڀيرو جڏھن بيرسٽر گوھر سلمان اڪرم راجا ۽ فيصل چوڌري عمران خان سان مليا تھ انڪشاف ٿيو تھ وٽس اڳ ئي سموريون خبرون موجود ھيون توڙي جو حڪومت پاران جيل جو عملو بھ تبديل ڪيو ويو پر ان باوجود اھڙيون خبرون کيس ملي رھيون آھن،حالانڪه عمران سان ملاقاتون ڪندڙ بئريسٽر گوهر ته اها دعويٰ ڪئي ته عمران خان کي جيل ۾ ڪا به خبر چار ناهي،بعد ۾ پي ٽي آءِ جي پوليٽيڪل ڪميٽي اجلاس ۾ بھ ان ڳالهھ تي بحث ٿيو آھي اڳواڻ حيران آهن تھ عمران خان سان جيل اندر ڪير رابطي ۾ آھي؟ ان ملاقات ۾ عمران خان سخت پڇاڻو ڪيو تھ سنگجاڻي ۾ ويھڻ جي ھدايت باوجود ڊي چوڪ تي ڪيئن لانگ مارچ ويو،افغانين کي ڌرڻي ۾ آڻڻ تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عمران خان اهو به سوال اٿاريو ته لاشن جي انگ بابت مختلف بيانيا ڇو ٺاهيا ويا؟پنجاب جي قيادت مٿان بھ ٻيھر ٻيھر دوکي بازي جي حوالي سان عمران خان ڪاوڙ ڪڍي. شبلي فراز جي حوالي سان بھ قيادت پاران شڪ ظاھر ڪندي چيو ويو ته احتجاج دوران هو سدائين غائب ٿي ويندو آهي.پارٽي اندر اختلاف سخت ٿي ويا آهن،بشريٰ بي بي جي حوالي سان به سخت ڳالهيون ڪيون ويون، پي ٽي آئي ۾ ڪجهھ ڏينھن اندر سينئر اڳواڻن پاران استعفائن جو سلسلو بھ شروع ٿيڻ وارو آھي جنھن ۾ سر فھرست نالو شاھ محمود قريشي ۽ زين قريشي جو نالو آھي،شاهه محمود قريشي کي ڏک آهي ته پارٽي سدائين عمران خان جو نالو کڻندي آهي پر هو به جيل ۾ آهي هن لاءِ آواز نٿو اٿاريو وڃي، ڊاڪٽر ياسمين راشد بھ ان حوالي سان سوچ ويچار ڪري رهي آهي، ان کان علاوھ اعجاز چوڌري بھ پارٽي جي سپورٽ نھ ملڻ تي مايوس بڻيل آھي.