سنڌوءَ تي وڌيڪ ڪئنال اڏڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:ساڃاهه وند

ڪراچي اوڀر(شفقت نوناري) وومين ايڪشن فورم، ڪراچي ۽ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ پاران ”نوَن ڪئنالن جا سنڌو درياهه ۽ ڊيلٽا تي اثر“ جي عنوان هيٺ هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ پاڻيءَ جي ماھرن،  سينئر تجزئي نگارن ۽ مختلف مڪتبِ فڪر جي ماڻهن وڪيل شهاب اوستو،ابرار قاضي، انيتا پنجاڻي،ناميارو صحافي رياض سھيل، ڊاڪٽر مدثر حسين، صحافي يونس مھر، تبسم کوسو، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو، ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا،عفت آرا بنگالي، ڊاڪٽر اصغر دشتي، ڊاڪٽر روشن سومرو،ڊاڪٽر راني ارم، ڊاڪٽر سيما ابڙو، سڪندر ڀنڊ سميت استادن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ،سيمينار ۾ مقررن تقرير ڪندي  چيو ته اردو يونيورسٽي ۾ سيمينار ڪرائڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن ڪراچي ۾ رهندڙ اردو  ڳالهائيندڙن کي به سنڌو درياهه تي نون اڏجندڙ ڪئنالن جي  نقصان بابت سمجهائي سگهون، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ وارن جو گذارو صرف سنڌو درياءَ تي آهي اڳ ئي سنڌ کي پاڻي گهٽ ڏنو ويندو هيو جيڪڏهن سنڌو درياهه تي وڌيڪ ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ سڪي ويندي جنهن جو اثر سڄي سنڌ تي پوندو اڳ ۾ ئي ڪراچي جا رهواسي  پنجاھ سيڪڙو پاڻي پئيسن تي خريد ڪن ٿا سيمينار ۾  حڪومت اڳيان  هيٺيان مطالبا رکيا ويا،سنڌو درياهه مان چولستان ڪينال سميت 6 ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪيو وڃي ،جولاءِ 2024 تي صدر  آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ گرين پاڪستان  انيشيئيٽو ڪمپني جي  اجلاس کي  غير آئيني ۽ غير جمهوري قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ويو ته جيئن هي پڌرنامو ايوان صدر مان گرين پاڪستان انيشيئيٽو جاري ڪيو ويو هيو ، تيئن ئي اهو پڌرنامو جاري  ڪري ان کي رد ڪيو وڃي،سنڌ سرڪار ۽ سنڌ اسيمبليءَ به اسيمبلي مان اهڙو قرارد پاس ڪري هن منصوبي کي رد ڪري،پاڻي بابت سمورا فيصلا سي سي آءِ کي ڪرڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.