وِنڊهوڪ(ويب ڊيسڪ) نندي ندايتو نميبيا جي پهرين عورت صدر چونڊجي وئي.
نميبيا جي صدارتي چونڊن ۾ ڏکڻ اولهه آفريڪا پيپلز آرگنائيزيشن پارٽي سان تعلق رکندڙ نندي ندايتو ڪاميابي ماڻي ملڪ جي پهرين عورت صدر چونڊجي ويئي آهي.
رپورٽ موجب، 72 ورهين جي نندي صدارتي چونڊن ۾ 57 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا جنهن بعد هاڻي صدارت لاءِ ٻيهر ووٽنگ ( رن آف ) جا امڪان به ختم ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، نندي ندايتو جي سوڀ 34 ورهين کان اقتدار ۾ رهندڙ پارٽي کي وڌيڪ طاقت بخشيندي.
ياد رهي ته نميبيا سال 1990ع ۾ ڏکڻ آفريڪا کان آزادي حاصل ڪئي ۽ تڏهن کان ئي اتي ڏکڻ اولهه آفريڪا پيپلز آرگنائزيشن پارٽي جي حڪمراني آهي.
You might also like