زمبابوي خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي لاءِ پاڪستان ٽيم ۾ چار تبديليون

بلاويو (ويب ڊيسڪ ) زمبابوي خلاف ٽِين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ پاڪستان پليئنگ اليون جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ميزبان زمبابوي خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي آخري ميچ لاءِ پاڪستان ٽيم ۾ چار تبديليون ڪيون ويون آهن.
سيريز جون شروعاتي ٻئي ميچون کيڏندڙ صائم ايوب، عرفان خان، حارث رئوف ۽ ابرار احمد کي آخري ميچ لاءِ ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي.
سندن جاءِ تي صاحبزدا فرحان، قاسم اڪرم، عرفات منهاس ۽ محمد حسنين کي پليئنگ اليون جو حصو بڻايو ويو آهي.
زمبابوي خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي لاءِ پاڪستان ٽيم ۾ ڪپتان سلمان علي آغا، صاحبزاده فرحان، عمير بن يوسف، عثمان خان، طيب طاهر، قاسم اڪرم، عرفات منهاس، جهانداد خان، عباس آفريدي، محمد حسنين ۽ سفيان مقيم شامل آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي، گرين شريٽس کي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.