¨ اسان جي سماج اندر ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي ظلم، زيادتي ۽ ناانصافي کي بلڪل به برداشت ناهن ڪري سگهندا ۽ پوءِ پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ بنا ظالمن ۽ ڏاڍن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، ڪامريڊ ثوبيا کوسو به اهڙين شخصيتن مان هڪ آهي جيڪا عوامي آواز چمبڙ جي تعلقه رپورٽر به آهي.
¨ ثوبيا کوسو ڪافي وقت کان پنهنجي علائقي جي هر قسم جي مافيائن خاص ڪري منشيات فروشن خلاف سرگرم آهي جنهن نتيجي ۾ منشيات فروشن جي هٽ لسٽ تي اچي وئي آهي. سوشل ميڊيا ۽ عوامي آواز ۾ خبرون هلائڻ سبب پهريون سندس ور ۽ هاري اڳواڻ ڪامريڊ ذوالفقار کوسي تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو. ۽ هاڻي ڪجهه ڏينهن اڳ مٿس وار ڪيو ويو.
¨ رپورٽن موجب 30 نومبر تي منشيات فروش شهر ۾ سرعام سوين ماڻهن جي سامهون هٿيارن جي نمائش ڪندا رهيا ۽ ڪوريج لاءِ ويندڙ عوامي آواز جي رپورٽر ثوبيا کوسو کي رستي تي روڪي گارگند ڪئي وئي. کيس ڌڪا ڏنا ويا، ان وچ ۾ گلاب لغاري جي پوليس پهتي پر هو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
¨ ان کان اڳ ٻه جوابدار پهريون به گرفتار ٿي چڪا آهن جن ذوالفقار کوسي تي حملو ڪيو هو پر سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته عدالتون اهڙن خطرناڪ ڏوهارين کي ضمانت تي ڪيئن آزاد ڪري ڇڏينديون آهن جيڪي قاتلاڻن حملن ۾ ملوث هوندا آهن.
¨ ڏوهن جي روڪٿام نه ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب اهو ئي هوندو آهي جو ڏوهارين کي گهربل سزا نه ملي سگهندي آهي. پيشه ور ڏوهارين کي ڀلي ڀت پروڙ هوندي آهي ته اهي گرفتار به ٿيا ته پيسا ڏئي ضمانت تي آزاد ٿي ويندا تنهن ڪري اهي ڏوهه ڪرڻ کان ناهن ڊڄندا ٻيو ته ثوبيا کوسو جو مقامي پوليس تي به الزام آهي ته اها منشيات فروشن جي سهولت ڪار بڻيل آهي جيڪڏهن پوليس سچي هجي ته اهي منشيات فروش انهن کان لڪيل ناهن.
¨ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ اندر لاقانونيت عام به آهي ته حاوي به آهي ۽ ان جو هڪڙو ئي سبب آهي ته حڪومت، پوليس ۽ عدالتن وٽ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي جو ڪو مضبوط نظام ناهي، هتان جي نظام ۾ ڏوهارين کي رعايت جو مارجن تمام گهڻو ڏنل هوندو آهي تنهن ڪري اڪثر ڪري شريف ماڻهو پوليس ۽ عدالتن کان مايوس ٿي چپ رهڻ تي مجبور هوندا آهن.
¨ پر جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته ڪي اهڙيون بهادر، بي باڪ ۽ اڻموٽ شخصيتون هونديون آهن جيڪي ڊڄنديون ناهن ۽ اهي مقابلو ڪنديون آهن. ثوبيا کوسو جو ڪردار انور پيرزادي صاحب جي هن سٽَ جهڙو آهي ته: ” جيستائين اڇي چادر تي هڪ به ڪارو چٽو هوندو ته ان خلاف جدوجهد ڪرڻ ترقي پسند ادب جو اصول آهي.“ ثوبيا به ان اصول تحت ئي جدوجهد جي ميدان تي لٿل آهي ڇاڪاڻ هيءَ به ترقي پسند ۽ روشن خيال ليکڪه ۽ صحافي آهي.
¨ ثوبيا کوسو سوشل ميڊيا تي پنهنجي ويڊيو بيانن ۾ وڏي واڪي ۽ بي ڊپائي سا ن هر قسم جي مافيائن کي للڪاريندي چوندي آهي ته جيڪڏهن منشيات خلاف ۽ سماج دشمن سرگرمين خلاف آواز اٿارڻ ڏوهه آهي. ته هوءَ اهو ڏوهه خوشي سان ڪندي رهندي.
¨ ثوبيا کوسو اڄ جي سنڌ جو مزاحمتي آواز آهي جيڪو ماضي جي مزاحمتي جدوجهد جو تسلسل آهي. شيخ اياز جو هي شعر يقينن ڪالهه ۽ اڄ جي اهڙن ئي مزاحمت ڪارن لاءِ سدا بهار ڀيٽا آهي ته ” هن سر جي گدلي سينور ۾ هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ“ ثوبيا کوسو به اسان جي سماج جي گدلي سينور مان ڦٽي نڪتل نيل ڪنول آهي.
¨ سنڌ حڪومت جيڪا پاڻ منشيات خلاف سنڌ صوبي ۾ مهم هلائي رهي آهي تنهن کي ته چمبڙ جي هن بهادر رپورٽر کي جيڪر ايوارڊ ڏيڻ گهرجي ته اها منشيات فروشن خلاف آواز اٿاري بيحد اهم ڪم ڪري رهي آهي. سو حڪومت کي نه رڳو ثوبيا کوسي جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي پر سندس جان جي تحفظ لاءِ غير معمولي قدم کڻي مٿس حملو ڪندڙ، ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ گاريون ڏيندڙن کي گرفتار ڪرائي جوڳي سزا پڻ ڏيارڻ گهرجي
¨ متاثر ڌر ته قانوني طور ايف آءِ آر ئي داخل ڪرائي سگهي ٿي، اڳتي جو ڪم ته پوليس ۽ عدالت جو هوندو آهي ته اهي ڏهارين کي گرفتار ڪري جوڳي سزا ڏئي. هاڻي به ثوبيا کوسو مٿس حملو ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي انهن جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي.
¨ ثوبيا کوسو ڏاڍن سان مهاڏو اٽڪائيندي بظاهر پاڻ کي اڪيلي ڀائيندي هوندي پر تاريخ ثابت ڪيو آهي ته اهڙيون بهادر سورميون اڪيليون ناهن هونديون پر تاريخ ۾ هميشه لاءِ سرخرو ٿي وينديون آهن.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته تاريخ ۾ ته ثوبيا کوسو سرخرو ٿيندي ئي ٿيندي پر سنڌ حڪومت جيڪا پاڻ منشيات خلاف صوبي سطح تائين مهم هلائي رهي آهي تنهن اڃان تائين ثوبيا کوسو جي منشيات فروشن خلاف ڪيل جدوجهد جو ڪو نوٽيس ناهي ورتو، ته ڇا اهو سمجهجي ته منشيات خلاف سنڌ حڪومت جي مهم خالي ڏيکاءُ آهي؟