عورتن لاءِ پنڪ بس سروس جي اهميت ۽ ان کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ٿيندڙ ڪوششون

تحرير: زارا نواز شيخ

ڪراچي جي پنڪ بسن جي سروس . سڀني شڪن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان تصور کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته اها بس سروس صرف هڪ سياسي چال هئي. سروس شروع ٿي ته عورتن سان گڏ ڪيترين ئي تنظيمن مڃڻ شروع ڪيو ته سنڌ حڪومت جو هي هڪ بهترين قدم آهي.  ”عورتن لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ تمام وڏن شهرن ۾ تمام ضروري آهي، خاص ڪري انهن شهرن ۾ جتي عورتن کي ڪيريئر ٺاهڻ لاءِ همٿايو وڃي ٿو. ڪراچي جي عورتن لاءِ اهو ڏينهن هڪ بهترين ڏينهن نه پر عيد جو ڏينهن هو.

شروعاتي طور تي 8 بسون متعارف ڪرايون ويون هيون جيڪي صبح 7 وڳي کان رات 10 وڳي تائين هڪ روٽ تي ماڊل ڪالوني ملير کان ٽاور تائين شارع فيصل تائين هلنديون هيون صبح ۽ شام جي وقت ۾، وقف ٿيل بس سروس هر 20 منٽن ۽ هر ڪلاڪ باقي ڏينهن لاءِ هلندي.  اهو ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ آفيس وڃڻ وارين عورتن لاءِ سفر جي بهترين سهولت فراهم ڪري رهيون آهن ۽ ان جو ڀاڙو صرف 50 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.

پنڪ بس سروس جو پراجيڪٽ   عورتن جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي بس جي اندر ڪيمرائون لڳايون ويون آهن، جن ۾ عورت ڪنڊڪٽر پڻ موجودآهن.آخرڪار، عورتن جي حفاظت ۽ رازداري مسئلا جيڪي هن مخصوص ٽرانسپورٽ تائين رسائي کي لاجواب ڪن ٿا .

ادي فريال ٽالپر جو چوڻ ھو ته بس سروس جي سخت ضرورت هئي. اسان جون ڪيتريون ئي نياڻيو پنهنجي پڙهائيءَ يا ڪم جي جڳهن تي وڃڻ لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪنديون آهن جيتوڻيڪ اهي انهن ۾ آرامده يا محفوظ نه هونديون آهن. پر هاڻي اهي بسون هنن لاءِ گيم چينجر ثابت ٿينديون.   سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هن ڪاوش کي به نٿو وساري سگهجي.  ته جيڪڏهن توهان جي ملڪ وٽ مضبوط عورتون آهن ته توهان وٽ مضبوط گهر ۽ مضبوط خاندان آهن، تنهنڪري اسان پنهنجين مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون، اسان جي ذميواري آهي ته عورتن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پاليسيون ٺاهيون. ته جيئن هو پنهنجي گهرن مان نڪرڻ ۽ مردن سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ محفوظ محسوس ڪن.

ڪافي ڇوڪرين سان روزانو جي بنيادن تي سفر دوران سان ڊسڪس هلندي ٿي رهي جيڪي ڇوڪريون پر سڪون ۽ ٿڌڙي ماحول ۾ ھڪ ٻئي سان ڏاڍو لطف اندوز ٿين ٿيون سنڌ حڪومت جي مڙني منصوبن کان وڌيڪ هن پنڪ بس منصوبي کي مقبول ترين قرار ڏئي رهيون آهن..

دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته مان ۽ خالدہ نسرين، هر وقت فڪرمند هئاسين ته هن سروس کي ڪئين ڪامياب بڻائجي ۽ بهتر کان بهتر سڀني سفر ڪندڙ ڀينرن لاءِ  اڃا آسان بڻايو وڃي. اسان خالده نسرين ، زارا شيخ،  طاهرہ ايف سي پنڪ بسR9  گلشن حديد جي سروس شروع ٿيڻ سان ئي هڪ گروپ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ڪي بي پٺاڻ صدر پي پي پي گلشن حديد جمال ڪوآرڊينيٽر پنڪ بس سروس، جي ايم پنڪ بس سروس شڪور اور تمام اسٽاف R9 ريڊ گروپ ۽ پنڪ بس گروپ جي سهڪار سان نوڪري پيشا عورتون، عام ڇوڪريون، شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهن.

اچو ته گڏجي زندگي جي هر مشڪل سفر  کي آسان بڻايون هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيون پنهنجي سنڌ کي جنت بڻايون. ملڪ جي نياڻين جي خدمت ڪيون ٽاور کان ڱلشن حديد تائين اسان جي گلشن  حديد جي زنده دل بهادر نياڻين ھڪ واٽسپ گروپ ٺاهيو آهي خالدہ نسرين هن پنڪ بسR9 گروپ جي ايدمن پڻ آهي تمام ڇوڪرين سندس هن ڪاوش کي ساراهيو آهي.آهن ان گروپ جو نالو(پنڪ بس R 9 گروپ) رکيو ويو آهي .ان گروپ ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ لڳ ڀڳ 1050 کان وڌيڪ عورتون جڙيل آهن.

اڪثر عورتون هن سروس جي استعمال کي ترجيح  ڏين ٿيون ڪڏهن ڪڏهن صرف ڪا ٻي سروس مجبوري ۾ استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن. ڇو جو پنڪ  ( گلابي) بسون هلي ته رهيون آهن پر تعداد اڃا به گهٽ آهي. ٽاور کان گلشن حديد تائين پنڪ بسون اڇا به نه هئڻ برابر آهن. هن سروس کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ خاطر وقت جي پابندي ۽ ڊسپلين ضروري آهي.  جموعي طور تي 100 سيڪڙو عورتن حڪومت جي هن پنڪ بس سروس جي رليف کي ساراهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.