جيڪو لکو بهترين آواز ۾ بهترين ميوزڪ سان ڳائيندي، هاڻي ”اي آئي“ انوکي سُرن جي ملڪا!

هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ۾ انقلابي قدم، راڳ جي دنيا لاءِ وڏو خطرو!

هٿرادو ذهانت جي ڪم ڪار جي ته تقريبن هر ماڻهو کي خبر پئجي چُڪي آهي، پر تنهن باوجود به ان جي صلاحيتن توڙي استعمال بابت مڪمل طور تي ڪيترن ئي ماڻهن کي خبر نه هوندي، هٿرادو ذهانت جتي پڙهائڻ، گهر يا ڪاروبار جي سنڀال ڪرڻ، ڪو به لکت جو ڪم ڪرڻ يا علاج جي دنيا ۾ انقلابي سهولتون مهيا ڪرڻ سميت ڪيترائي ٻيا ڪم به ڪري سگهي ٿي اتي هٿرادو ذهانت هاڻي هڪ ٻيو وڏو ڪم به پنهنجي ذمي کڻڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي، اهڙي صلاحيت يقينن هٿرادو ذهانت تائين ئي ته ساراهه جوڳي آهي پر ان سان راڳ جي دنيا سان سلهاڙيل ماڻهن گلوڪارن توڙي ميوزڪ سازن کي وڏو ڌچڪو رسي سگهي ٿو، ائين کڻي چئجي ته ايندڙ وقت ۾ گلوڪارن يا راڳين جي لاءِ شايد ئي اها جاءِ بچي جيڪا هاڻي انهن کي ميسر آهي، ڇو ته ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته هٿرادو ذهانت اهڙو آواز تيار ڪري سگهي ٿي جيڪو اڳ ۾ دنيا ۾ موجود ئي نه هجي.

ماهرن هڪ اهڙو آڊيو جنريٽر ٺاهيو آهي جيڪو اهڙا آواز تيار ڪري ڪڍي سگهي ٿو جن کي اڳ ۾ ڪڏهن به ٻڌو نه ويو هجي.

فگاٽو نالي اهو نئون جنريٽر هٿرادو ذهانت ماڊل ڪمپيوٽر چپ ساز ڪمپني انويڊيا جي هڪ ٽيم تيار ڪيو آهي.

اهو اوزار واهپيدارن کي ڪهڙي به قسم جي معمولي لکت کي استعمال ڪري آڊيو ئي ايڊٽ يا ٺاهڻ جي سهولت ڏئي ٿو، جهڙوڪ ڪنهن گاني مان ڪو مخصوص سُر هٽائڻ يا ڪنهن جي آواز کي ئي مٽائڻ جي سهولت هجي، اها هٿرادو ذهانت مهيا ڪندي.

فوگاٽو بابت هڪ تفصيلي بلاگ ۾ اينويڊيا جي رچرڊ ڪيرس اها دعويٰ ڪئي آهي ته اهو اوزار ڪنهن به ٻئي هٿرادو ذهانت واري ماڊل کان وڌيڪ سهولت فراهم ڪندو آهي ۽ نِت نئين آوازن سان راڳ جي دنيا کي مٽائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

رچرڊ ڪيرس وڌيڪ چيو ته اهڙي ٽرمپٽ مان هر قسم جو آواز ڪڍرائي سگهجي ٿو ايتري تائين جو ڀونڪڻ ۽ ٻِلي جي ميائون به لکت ۾ ڏجي ته ان جو ماڊل تيار هوندو.

اهڙو اوزار شوق جي حد تائين ڳائيندڙ ماڻهن کي انهن جو آواز بهتر ڪرڻ ۽ مشهوري ماڻڻ ۾ وڏي مدد ڏيندو، جنهن جي ڪري راڳ جي دنيا ۾ اهو انقلابي قدم آهي پر ٻئي پاسي کان ڏسجي ته جيڪڏهن هٿرادو ذهانت آواز ڳائڻ جو به ڪم ڪرڻ لڳي ۽ اهو به تمام بهترين انداز سان ته اهو گلوڪاري جي دنيا لاءِ خطرناڪ پڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.